پشاور – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان هڪ وڏي خواب جو نالو آهي پر بدقسمتي سان قيام پاڪستان کان وٺي اڄ تائين ڪنهن قوم کي اه?? خواب سمجهائڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي، هو پشاور جي علائقي ريگي للمه ۾ صنعتي ورڪرز ل??ءِ رهائشي منصوبي جي افتتاح کانپوءِ ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو، وزيراعظم چ??و ته ڪورونا جي موجوده لهر فليٽ ٿي چڪي، احتياط جاري رکيو ته سياحت سميت سمورا شعبا کلي ويندا، حقيقي فلاحي رياست جي حوالي سان مديني جي رياست جي مثال اسان جي سامهون آهي ته ڪهڙي طرح رسول ﷺ مديني جي رياست کي سڄي دنيا ل??ءِ هڪ مثال بڻايو، هن چيو ته اه?? ئي معاشرو هو جنهن جو خواب علامه اقبال ڏٺو ته ملڪ ۾ قانون سڀني ل??ءِ برابر هجي، انصاف تي ٻڌل معاشري قائم ٿئي ۽ قانون جي سامهون غريب ۽ امير ۾ ڪو فرق نه هجي، وزيراعظم چ??و ته هو ملڪ کي 2 بنيادي اصولن تحت اڳتي وٺي وڃڻ چاهي ٿو، هڪ قانون جي بالادستي ۽ ٻيو ڪنهن کي اين آر او نه ڏيڻ جڏهن ته ان سان گڏ ئي معاشري جي ڪمزور طبقي کي مٿي آڻڻ سندس اولين هدف آهي. هن چيو ته پشاور ۾ صنعتي ورڪرز ل??ءِ فليٽس جو منصوبو 2011ع کان ان ل??ءِ رڪيل هو ته اه?? غريبن ل??ءِ بڻجي رهيو هو، پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت جيتوڻيڪ غريبن جي ڀلائي ۽ ترقي کي اوليت ڏيندي آهي ان ل??ءِ ان منصوبي کي پڄاڻي تائين پهچايو ويو آهي، هن چيو ته سندس ڌيان ڪمزور طبقي کي مٿي کڻڻ تي آهي ۽ هو ان حوالي سان ڪم کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ چاهي ٿو، وزيراعظم چ??و ته اسان ايندڙ اليڪشن جو نه پر قوم جي مستقبل جي ل??ءِ سوچيو آهي، پنهنجي ڪمزور طبقي جي ذميداري ورتي آهي، پنج سالن کانپوءِ ڏسڻ چاهيان ٿو ته ڪمزور طبقي کي اسان ڪيئن مٿي کنيو آهي، خيبرپختونخوا جي عوام پي ٽي آء?? کي ٻي مدت ل??ءِ ان ل??ءِ چونڊيو ته عالمي ادارن جي رپورٽ موجب خيبرپختونخوا واحد صوبو آهي جتي غربت ۾ تيزي سان گهٽتائي آئي آهي ۽ انساني ترقي تي ڪم ٿيو آهي، هن چيو ته اه?? ڪرپٽ سياستدان جيڪي پڇندا هئا ته نئون پختونخوا ڪٿي آهي اه?? ڏسي وٺن اسان جي ڪارنامن جي تصديق عالمي ادارا ڪري رهيا آهن.