اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اليڪشن ??ميشن ۾ پارٽي فنڊز جي جاچ پڙتال لاءِ درخواستن جو جلد فيصلو ڪرڻ جي لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي، اسڪروٽني ڪميٽي جو اجلاس به نه ٿيو ۽ نه ئي پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ کي پارٽي فنڊنگ ج??چ پڙتال جي لاءِ طلب ڪيو ويو. اسٽيٽ بئنڪ جي آخري ٻڌڻي تي جيڪو رڪارڊ پيش ڪيو ان ۾ ثابت ??ي چڪو آهي ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جا جمع ڪرايل اڪائونٽس جعلي آهن، اليڪشن ??ميشن آئيني ادارو آهي، ان جو احترام ڪريون ٿا پر اليڪشن ??ميشن ??ي ايڪٽ آف پارليامينٽ موجب چونڊون ڪرائڻيون آهن، اليڪشن ??ميشن وٽ اڪائونٽس جي جاچ پڙتال جو ڪيس هلي رهيو آهي، اليڪشن ??ميشن اسڪروٽني ڪميٽي ٺاهي جنهن جا بي شمار اجلاس ??ي چڪا آهن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کان مطالبو آهي ته مخالف ڌر سان ٿيندڙ معاهدو ميڊيا سان به شيئر ڪري ڇو ته مخالف ڌر معاهدي ڪري ڦري ويندي آهي. هو اليڪشن ??ميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو.