اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڪري دنيا ۾ جدت جي نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي، پاڪستان ترقي جون منزلون جلد طئي ڪر?? جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو، ان مقصد لاءِ ڊيجيٽلائيزيشن بابت وقت سر فيصلن ۽ تيارين جي ذريعي جدت تي ٻڌل تبديلين ??ان هڪجهڙائي پ??دا ڪر?? جي ضرور?? آهي. هو ايوان صدر ۾ ڊيجيٽل گورنمينٽ سمٽ کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود، انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، ريلوي وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم سواتي، گوگل ڪلائوڊ براءِ پبلڪ سيڪٽر (ايشيا پيسفڪ) جو ايم ڊي پال ولسن ۽ ٽيڪ ويلي پاڪستان جو سي اي او عمر فاروق پڻ خطاب ڪيو. انفارميشن ٽيڪالاجي ۽ ڊيجيٽل پاليسي جي ماهرن کانسواءِ گوگل ڪلائوڊ جي عمدارن به سنگاپور مان وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ ٽيڪ ويلي پاڪستان جي حصيداري ??ان منعقد ڪيل ان ڊيجيٽل سمٽ ۾ پبلڪ سيڪٽر لاءِ گوگل تان هلندڙ جديد ٽيڪنالاجيز جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو. صدر چيو ته دنيا ۾ وڏي تيزي ??ان تبديليون رونما ٿي رهيون آهن جنهن ??ان هم آهنگ ٿي پاڪستان ترقي جون منزلون جلد طئي ڪري سگهي ٿو. صدر عارف علوي چيو ته اسرندڙ ملڪ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي تعليم جي نظام کي بهتر بڻائي سگهن ٿا، ڪورونا وبا دوران بندشن جي ڪري تعليم جي عمل کي جاري رکڻ لاءِ جديد مواصلاتي ذريعن کي استعمال ۾ آندو ويو، ان صورتحال ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي، هن چيو ته نئون دور اچي رهيو آهي جنهن ۾ انفارميشن لامحدود هوندي، معلومات ايتري قدر وڌي وئي آهي جو ان??ان بنا ٽيڪنالاجي جي ان جو تجزيو ڪر?? جي صلاحيت نٿو رکي. صدر چيو ته ٽيڪنالاجي جي ڪري گڏيل رابطا وڌيڪ بهتر ٿيا ۽ دنيا گلوبل ورلڊ جي شڪل اختيار ڪئي وئي آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڪري جدت جي نئين دور جي شروعات ٿي آهي تنهن هوندي به ان جديد دور ۾ ڊيٽا سيڪيورٽي جهڙا چئلينجز به درپيش آهن. صدر چيو ته مستبقل ۾ فيصلاسازي جي عمل ۾ ڊيٽا جي تجزيي جو اهم ڪردار هوندو، ان مقصد لاءِ مصنوعي ذهانت ۽ ڪلائوڊ جهڙي جديد ٽيڪنالاجيز کي استعمال ۾ آڻ?? جي ضرور?? آهي. هن چيو ته جن ملڪن ترقي ڪئي آهي ان جو دارومدار ٽيڪنالاجي تي وڌي?? آهي. پاڪستان به دنيا ۾ تيزي ??ان رونما ٿيندڙ تبديلين ??ان هم آهنگي پ??دا ڪري تمام جلد ترقي جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ترقي ڪر?? جي صلاحيت رکي ٿو، ان مقصد جي لاءِ سمارٽ فيصلا ڪر?? جي ضرور?? آهي، هن چيو ته پاڪستان ڪورونا وبا جي دوران سمارٽ فيصلا سازي جو ڪامياب مثال قائم ڪيو آهي. ان موقعي تي انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير سيد امين الحق ڊيجيٽل پاڪستان جي حوالي ??ان موجوده حڪومت جي ويزن کي اجاگر ڪندي چيو ته سندس وزارت بلاڪ چين ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، صنعتي مسئلن جي حل ۽ سمارٽ سٽيز جي تعمير جهڙن شعبن ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندي گوگل ڪلائوڊ ۽ ٽيڪ ويلي ??ان گڏجي ڪم ڪندي. هن چيو ته ڪووڊ – 19 لاڪ ڊائون جي چئلينج کي امڪان ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت صحت، تعليم ۽ فنانس ۾ رابطي جي سهولت لاءِ اهم قدم کنيا آهن، هن چيو ته هن وقت اٽڪل 10 ڪروڙ ماڻهو برانڊ بينڊ جي سهولت مان فائدو کڻي رهيا آهن، اهڙي طرح هڪ اسپيڪٽرم جي نالي ??ان هڪ بلين ڊالر حاصل ٿي سگهن ٿا، وزارت ۾ 2.1 ملين ڊالر جو برآمدي هدف حاصل ڪيو آهي.