اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته واپاري بر??دري کي مختلف مراعتون ۽ سهولتون فراهم ڪري ملڪ جي ڪاروباري ماحول کي ??هت?? بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ملڪ جي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي جيڪا حڪومت جي معاشي پاليسين تي ڪاروباري بر??دري جي اعتماد جي عڪاس آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هر?? پور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايڇ سي سي آءِ) جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيمبر جي صدر شهباز مجيد شيخ جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي شهباز مجيد شيخ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي چيمبر پاران ملڪ جي معاشي ترقي ۾ هر?? پور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. وفد صدر کي ايڇ سي سي آءِ کي درپيش ڪجهه مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته ڪاروباري بر??دري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ خاص طور تي ڪووي?? 19 ??ي دوران انهن جي سهولت لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت سخت مالي مشڪلاتن جي باوجود واپاري بر??دري ۽ معاشري جي پيڙهيل طبقن کي وبا جي منفي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ 1.2 ٽريلين رپين جو مالياتي پئڪيج فراهم ڪيو آهي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ملڪي روانگي واپار ۾ پڻ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 25.3 بلين ڊالر تائين پهچي ويو هو. هن ملڪ جي معاشي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ايف بي آر پاران 850 ارب رپين جي اوڳاڙين جي هدف کان 160 ارب جي وڌيڪ وصولي ??هت?? ملڪي معيشت جو ثبوت آهي. هن چيو ته حڪومت ??ڌ کان وڌ ڪاروباري ماحول کي سازگار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان جي ڪوششن جي ڪري ڪاروبار ۾ آساني جي انڊيڪس ۾ پاڪستان جو درجو 136 هين مان 108 هين نمبر تي اچي ويو آهي. صدر قومي ترقي ۾ هر?? پور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ڪاروباري بر??دري جي ڪردار کي پڻ ساراهيو ۽ ان جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.