اسلام آباد -18 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيه?? وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه صرف پاڪستان بلڪه سڄي خطي لاءِ انتهائي اهميت جوڳو آهي. اجتماعيت جي حامل سياسي حل ذريعي افغانستان ۾ امن جو قيام خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي لاءِ اڻٽر آهي. اهڙو اظهار هن ڪينيڊين پرڏيه?? وزير مارڪ گارنيو سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ڳالهين دوران ٻنهي پرڏيه?? وزيرن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ افعانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هن چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افعانستان نه صرف پاڪستان بلڪه خطي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن ڪينيڊين پرڏيه?? وزير کي افغانستان جي صورتحال تي متفقه راءِ عمل جوڙڻ لاءِ ڪيل هاڻوڪي چار ملڪي دوري جي تفصيلن کان آگاه ڪيو. شاه محمود قريشي افغانستان ۾ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي افغانستان ۾ امن جي قيام کي خطي جي امن ۽ استحڪام ۽ ترقي لاءِ اڻٽر قرار ڏنو. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو افغانستان جي معاشي ۽ انساني معاونت لاءِ اڳتي وڌن. هن چيو ته پاڪستان، افغانستان ۾ انساني الميي کي نظر ۾ رکندي افغانين کي هوائي زميني رستي امدادي سامان جي فراهمي جاري رکي آهي. پرڏيه?? وزير افغانستان کي امدادي سامان موڪلڻ لاءِ انساني راهداري کولڻ بابت ڪينيڊين هم منصب کي آگاه ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري کي انهن ملڪن کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي جيڪي وڏي عرصي کان لکين افغان مهاجرين جي ميزباني ڪندا پيا اچن. پرڏيه?? وزير ٻه طرفن لاڳاپن جي نوعيت تي اطمينان ڪندي انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيه?? وزير چيو ته اسان ڪورونا وبا جي صورتحال م بهتري جي صورت ۾ پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ ايندڙ سياسي مشاورتي اجلاسن جا منتظر آهيون. پرڏيه?? وزير ڪينيڊين پرڏيه?? وزير سان هيملٽن ڪينيڊا ۾ پاڪستاني ڪيندين شهري جي مارجڻ ۽ ان جي 63 سالن جي والد فقير علي جي اغوا جو معاملو اٿاريو. ڪينيڊين پرڏيه?? وزير شاه محمود قريشي کي خاطري ڪرائي ته متاثر خاندان کي انصاف جي فراهمي لاءِ ڪينيڊين حڪومت معاملي جي مڪمل جاچ ڪري رهي آهي. پرڏيه?? وزير ڪينيڊين هم منصب کان مطالبو ڪيو ته وبائي صورتحال ۾ بهتري کي نظر ۾ رکندي شاگردن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ويزا ايڊوائيزري تي نظرثاني ڪئي وڃي. ڪينيڊين پرڏيه?? وزير افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو ۽ ڪابل مان ڪينڊين شهرين جي نيڪالي ۾ پاڪستان طرفان فراهم ڪيل معاونت تي پرڏيه?? وزير ۽ پاڪستاني قيادت جو شڪريو اد?? ڪيو. پرڏيه?? وزير ڪينڊين هم منصب کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان افغانستان ۾ واپسي جي عمل ۾ معاونت جو سلسلو جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.