اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پا??ست??ن آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ۽ پائيدار لاڳاپن جي قيام جو خواهشمند آهي، عالمي برادري پاران مثبت شموليت، انساني امداد، مالياتي وسيلن جي فراهمي ۽ افغان عوام جي مسئلن کي ختم ڪرڻ جي غرض سان پائيدار معيشت جي تعمير لاءِ ٺو?? قدمن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن پا??ست??ن جي دوري تي آيل آمريڪي پرڏيهي نائ?? وزير وينڊي آرشر من سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جو اسسٽنٽ سيڪريٽري ڊونلڊ لو به ساڻس گڏ هو. جڏهن ته پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، افغانستان ۽ علائقائي امن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي پرڏيهي نائ?? وزير بلوچستان ۾ آيل زلزلي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. افغانستان ۾ پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته پا??ست??ن ۽ آمريڪا جي موقف ۾ هم آهنگي موجود آهي، پرڏيهي نائ?? وزير افغانستان مان آمريڪي ۽ ٻين شهرين جي نڪرڻ لاءِ پا??ست??ن جي مدد ۽ خطي ۾ امن لاءِ استعمال ايندڙ مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي اميد آهي ته افغانستان ۾ نئون سيٽ اپ استحڪام سان گڏوگڏ سموري افغان عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندو، افغان عوام جي نمائنده ۽ ڊگهي بنياد واري حڪومت عالمي برادري لاءِ اعتماد جي قابل حصيدار ٿي سگهي ٿي، شاهه محمود قريشي چيو ته موجوده صورتحال ۾ عالمي برادري پاران مثبت شموليت انساني امداد ۽ مالياتي وسيلن جي فراهمي ۽ افغان عوام جي مسئلن کي ختم ڪرڻ لاءِ پائيدار معيشت جي تعمير لاءِ ٺو?? قدمن جي ضرورت آهي، پا??ست??ن معاشي تعاون، علائقائي رابطن جي فروغ ۽ خطي ۾ امن جي قيام لاءِ آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ۽ پائيدار لاڳاپن جو خواهشمند آهي، هن چيو ته پا??ست??ن ۽ آمريڪا باقا??ده ۽ منظم ڳالهين جو عمل اسان جي ٻطرفي مفادن سان گڏوگڏ گڏيل علائقائي مقصدن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ضروري آهي، آمريڪي پرڏيهي نائ?? وزير پا??ست??ن ۽ آمريڪا جي وچ ۾ موسمياتي تبديلين ۽ متبادل توانائي جي حوالي سان ٻطرفي ڳالهين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي واکاڻ ڪئي. غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير انساني حقن جي سنگين صورتحال کي اجاگر ڪندي پرڏيهي وزير ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل جي اهميت تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير آمريڪا پاران پا??ست??ن کي ڏنل ڪووڊ 19 بابت مدد تي پرڏيهي نائ?? وزير وينڊي جو ٿورو ادا ڪ??و.