اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پاڪستان تحريڪ انصاف ڊينمارڪ جي صدر چوڌري عمران محبوب ملاقات ڪئي ۽ موجوده ملڪي ۽ سياسي صورتحال ۽ اهم پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ خاص طور تي ??اهرئين ملڪ رهندڙ پاڪست??ني?? جي قومي معاملن ۾ دلچسپي ۽ ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف نظام جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪي معاشي ترقي ۾ اوورسيز پاڪست??ني?? جو اهم ڪردار آهي، اڄ اسان جا سفارتخانا اوورسيز پاڪست??ني?? جي سهولت لاءِ انهن سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته اسان سدائين اوورسيز پاڪست??ني?? جي مسئلن جي حل تي زور ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اوورسيز پاڪست??ني?? کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پي ٽي آءِ ڊينمارڪ جي صدر چوڌري عمران محبوب چيو ته آمريڪا ۽ يورپ سميت اوورسيز پاڪست??ني?? ۾ وزيراعظم عمر??ن خان مقبول ترين شخصيت آهي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني وزيراعظم عمر??ن خان جي قيادت ۾ ملڪي ترقي جي لاءِ پراميد آهن.