لاهور – 14 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي لاهور قلعه (يونيسڪو عالمي ورثي) جي اهم حصي پڪچر وال ۽ شاهي بورچي خاني جو دورو ڪيو، صدر جو استقبال پاڪستان بابت آغ?? خان ڪائونسل جي صدر حافظ شير علي، والڊ سٽي آف لاهور اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل ڪامران لاشاري ۽ آغ?? خان ڪلچرل سروس پاڪستان جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر خواجه توصيف احمد ڪيو. شاهه برج گيٽ (هاٿي پول) سان گڏ واقع اها پڪچر وال قلعي جي اصل نجي داخلا ٺاهيندي آهي، ان ديوار کي شڪار ۽ جنگ جي منظرن، مختلف تشبيهن، جانورن، پکين، جاگرافيائي ۽ گلن جي تصويرن س??ن نهايت عمدي طريقي سان س??ايو ويو آهي. اها ديوار تقريبن 400 سال اڳ مغل دور ۾ تعمير ڪئي وئي هئي، جيڪا دنيا جي سڀ وڏين ديوارن مان هڪ آهي. اها ديوار نقشين گليزڊ ٽائل تي ٻڌل موزائيڪ جي ڪم سان زردوري استرڪاري رنگ ڪيل چن جي پلستر ۽ ڪٽيل سرن س??ن تعمير ڪئي وئي آهي،. مغليه زماني جي نفيس ۽ پيچيده ڪم ۾ انتهائي گهري دلچسپي جو اظ??ار ڪندي صدر عارف علوي اسلامي تاريخ جي اهم حصي کي محفوظ ڪرڻ جي سخت ڪوششن کي ڀرپور ساراهيو. پڪچر وال ۽ شاهي بورچي خاني جي تحفظ جو ڪم ڪلچر بابت آغ?? خان ٽرسٽ ۽ ملڪ ۾ ان جي گڏيل اداري آغ??ز خان ڪلچر سروس پاڪستان والڊ سٽي آف لاهور اٿارٽي جي تعاون س??ن انجام ڏنو آهي. آغ??ز خان ٽرسٽ براءِ ڪلچر جو ڌيان سڄي دنيا ۾ ڪميونٽيز جي مادي، سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي بحالي تي آهي، ان ۾ آغ?? خان ايوارڊ فار آرڪيٽيڪچر، آغ?? خان هس??ور?? سٽيز پروگرام، آغ?? خان ميوزڪ پروگرام، آن لائين ريسورس Archnet.org هاروڊ يونيورسٽي ۾ آغ?? خان پروگرام فار اسلامڪ آرڪيٽيڪچر ۽ ميسوچيسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي شامل آهن. 2007ع کان آغ?? خان هس??ور?? سٽيز پروگرام والڊ سٽي آف لاهور جي بحالي ۽ مغل دور جي ان يادگار کي محفوظ ڪرڻ جو ڪم پنجاب حڪومت ۽ والڊ سٽي آف لاهور اٿارٽي جي حصيداري سان شروع ڪيو جنهن ۾ مسجد وزير خان ۽ شاهي حمام جي بحالي جو ڪم به شامل هو.