??سل??م آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان ”??سل??مي معاشرو ۽ احترام قانون“ جي موضوع تي جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ڊاڪٽر عبدالڪريم عثمان خطبي ۾ ??سل??مي معاشري ۾ احترام قانون ۽ عهد جي پاسداري جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ??سل??مي تعليمات ۾ انفرادي سان گڏوگڏ اجتماعي ۽ معاشرتي زندگي ۾ به عهد کي پورو ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي، هن چيو ته الله تعاليٰ ڪامياب مومنن جي صفات مان هڪ امانتن ۽ عهد جي پاسداري بيان ڪئي آهي، هن حضور ﷺ جي حيات طبيه جي روشني ۾ عهد جي پاسداري جا مثال بيان ڪندي صلحه حديبيه جو خصوصي حوالو ڏنو جنهن ۾ مسلمانن جي گڏيل معاملن سان گڏوگڏ ٻين قومن سان ڪيل واعدن کي نڀائڻ جو درس موجود آهي، هن چيو ته هڪ فرد جي لاءِ لازم آهي ته هو جنهن ملڪ جو رهواسي آهي ان جي قانون جي پيروي ڪري، اها عهد جي پاسداري جي هڪ صورت آهي. هن چيو ته قانون جي خلاف وريزي اصل ۾ ??سل??مي تعليمات جي رو گرداني ۽ ٻين ماڻهن جي لاءِ تڪليف جو سبب بڻجندي آهي، هن چيو ته جائزه امور ۾ ??سل??مي رياست جي قانون جي پاسداري ضروري آهي، ان موقعي تي ملڪي سلا??تي?? ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هد??يت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو باقاعدگي اهتمام ڪيو پيو وڃي.