اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي ??ثاثو آهن، حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي ذريعي آسانيون پيدا ڪيون آهن، تا??يخ ۾ پهريون ڀيرو سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ شڪايتن جي ازالي لاءِ پورٽل جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سمنڊ پار پاڪستانين جي معاملن واري صلاحڪار ايوب آفريدي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي ??اڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جي قدمن ۽ چونڊن ۾ راءِ جو حق ملڻ تي ??ڪومت جي پذيرائي تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم خصوصي صلاحڪار کي سمنڊ پار پاڪستانين ۽ سفارتخانن ج?? وچ ۾ رابطا وڌائي مسئلن جي حل جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي به هدايت ڪئي.