اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين لاهور پريس ڪلب جي ڪائونسل ميمبر ۽ سينيئر ڪرائم رپورٽر حسنين شاهه جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت مقتول صحافي جي وارثن ۽ صحافي برادري سان گڏ بيٺل آهي، ڏک جي ه?? گهڙيءَ ۾ برابر جا شريڪ آهيون. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته صحافي حسنين شاهه جو خ??ن رائيگان نه ويندو، قت?? ۾ ??لوث ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته مقتول حسنين شاهه جي پونئيرن کي هر صورت ۾ انصاف فراهم ڪيو ويندو.