اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پا??ستان جي سينئر ترين جج جسٽس عمر عطابنديال 28هين چيف جسٽس آف پا??ستان طور پنهنجي عهد?? جو حلف کڻي ورتو آهي. ايوان صدر ۾ ٿيندڙ هڪ پروقار تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کائنس حلف ورتو، تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. جڏهن ته تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر ڊاڪٽر نسيم فروغ، سميت ٻين وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزير، پارليامينٽ ج?? ميمبرن، ججن، وڪيلن جي تنظيمن جي عهديدارن ۽ سول فوجي عملدار شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جسٽس عمر عطابنديال چيف جسٽس جي طور تي مقرر?? جو نوٽيس به پڙهي ٻڌايو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ ج?? سينئر ترين جج جسٽس عمر عطابنديال کي چيف جسٽس آف پا??ستان مقرر ڪيو ان جي مقرر?? جو نوٽيفڪيشن 2 فيبروري کان لاڳو هوندو، ان کان پهرين چيف جسٽس آف پا??ستان جسٽس گلزار حسين پهرين فيبروري تي پنهنجي ملازمت جي مدت پوري ڪرڻ کانپوءِ رٽائر ٿي ويو هو.