لاهور – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معيشت پائيدار ترقي جي سمت ۾ گامزن آهي، ڪورونا کان بچاءُ ج?? پاليسي جي سڄي دنيا ۾ واکاڻ ٿي آهي، تحريڪ انصاف قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻايو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان خميس ڏينهن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفاق?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، اسد عمر، شفقت محمود، مخدوم خسرو بختيار، حماد اظه??، مملڪت?? وزير فرخ حبيب، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ۽ وڏ?? وزير جو ترجمان حسان خاور به موجود هئا. صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيند?? وزيراعظم چيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ عورت ميمبر قانونسازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف مخصوص سيٽن تي ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻايو آهي، ان کان اڳ ماضي ۾ سياس?? پارٽيون مخصوص سيٽن تي من پسند ماڻهن کي آڻينديون رهيون آهن، هن چيو ته حڪ??مت کي ڏيوالو نڪتل معيشت ورثي ۾ ملي، حڪ??مت ڪامياب معاش?? پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت کي مستحڪم بڻايو آهي ۽ معيشت هاڻ?? پائيدار ترقي جي طرف گامزن آهي، حڪ??مت جي ڪورونا کان بچاءُ ج?? پاليسين جي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ٿي آهي، صوبائي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي پنجاب ۾ حڪ??مت جي قدمن جي ڪري عوامي پذيرائي ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو جڏهن ته اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ ميمبرن وزيراعظم ۽ وڏ?? وزير کي پنجاب ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ صوبائي اسيمبلي جي عورت ميمبرن ۾ ياسمين راشد، صادقه صاحبداد خان، شمسه علي، نسرين طارق، شوانه بشير، شميم آفتاب، فردوس رانا، شاهده احمد، سميرا احمد، عائشه اقبال، نيلم حيات ملڪ، مسرت جمشيد، سعيده سهيل رانا، رشيده خانم، فرحت فاروق، ثانيه ڪامران، طل??ت فاطمه نقوي، شاهينه ڪريم، آسيه امجد، سيمابيه طاه??، مومنه وحيد، عائشه نواز، زينب عمير، فرح آغا، سيده فرح عظميٰ، ساجده بيگم، ساجده نويد، سبين گل خان، سبرينه جاويد، عابده بي بي شامل هيون جڏهن ته وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ اقليتي ميمبرن ۾ هارون عمران گل، اعجاز عالم آگسٽين، مهندر پال سنگهه ۽ يوڊسٽرر چوهاڻ شامل هئا.