اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ??لسلي ۾ اسلامي ميمبر ملڪن جا وفد اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، مصر جو پرڏيهي وزير 24 سالن کانپوءِ پاڪستان آيو آهي جڏهن ته اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ به سومر جي ??بح اسلام آباد پهچي ويو آهي. اسلام آباد ايئرپورٽ تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وزيراعظم جي ??ين مذ??هب ۽ هم آهنگي ۽ وچ اوڀر بابت خاص نمائندي حافظ محمود طاهر اشرفي سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسلامي تعاون تنظيم جي ??يڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ چيو ته پاڪستان جو عالم اسلام ۾ اعليٰ مقام آهي، پاڪستان ۾ ڪجهه مهينن ۾ ٻه ڀيرا عالم اسلام جي پرڏيهي وزيرن جو اچڻ پاڪستان جي مقام کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس عالم اسلام جي مسئلن، مسلمان امت جي ??ورتحال ۽ عالمي دنيا جي ??التن تي اهم فيصلا ڪندو. مصر جو پرڏيهي وزير سامع شڪري چيو ته پاڪستان ۽ مصر ٻه ڀائر ملڪ آهن، پاڪستان مصر جا لاڳاپا مضبوط آهن ۽ انتهاپسندي، دهشتگردي جي ??اتمي ۽ مسلمان امت جي وحدت ۽ اتحاد ??اء?? پاڪستان، مصر گڏجي ڪم ڪندا. پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وزيراعظم جي ??اص نماندي حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جو اجلاس پوري قوم ??اء?? فخر جوڳو آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي معزز مهمانن کي خوش آمديد چئ?? ٿي. هن چيو ته اسلام آباد کان مظلوم ڪشميرين، فلسطينن جي ڳالهه ٿيندي ۽ امت جي مسئلن ??اء?? عملي لائحه عمل ملندو، هڪ سو??ل جي ??واب ۾ حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جا مهمان مخالف ڌر جا ميمبر هوندا، انهن پاران مثبت رويو سامهون آيو آهي، مخالف ڌر اسلامي تعاون تنظيم جي ??والي سان جيڪو پڌرنامو جاري ڪيو آهي اهو درست رخ ۾ قدم آهي.