اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول آهي ۽ سيڙپڪارن کي مراعتون ڏنيون پيون وڃن، حڪومت بهترين پاليسيون ٺاهي رهي آهي جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو، خطي جي ??رقي ۽ خوشحالي ۾ گوادر اهم ڪردار ادا ڪندو، سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي سيڙپڪارن ڪيري گوف جي ??يم ڊي البرٽ بيري ليسي، ٽروليڪس جي ??يم ڊي ٿامس البرٽ ليسي ۽ سندس وفد سان ڳالهائيندي ڪيو ج??هن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽرن شبلي فراز ۽ سيف الله نيازي به موجود هئا. ملاقات ۾ سيڙپڪاري جي ??عبي ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي غور ڪيو ويو. ملاقات ۾ وفد سينيٽ چيئرمين کي پنهنجي ??وري جي مقصدن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ ماحول سيڙپڪاري لاءِ سازگار، مراعتون ڏنيون پيون وڃن، ڪاروباري ۽ معاشي رابطا عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته سيڙپڪارن جو اعتماد معيشت جي ??ستحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي، حڪومت بهترين پاليسيون ٺاهي رهي آهي جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو، گوادر هڪ ن??ين معاشي مرڪز جي ??يثيت سان اڀري رهيو آهي، هن چيو ته برطانوي سيڙپڪار گوادر ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، خطي جي ??رقي ۽ خوشحالي ۾ گوادر اهم ڪردار ادا ڪندو، پاڪستان جي ??رطانيه سان تاريخي لاڳاپا آهن، واپاري وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ سان معاشي سرگرمين ۾ تيزي ايندي. پاڪستانين جو هڪ وڏو تعداد برطانيه ۾ آباد آهي، برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هل پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.