اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفا??ي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ??هي ته گذريل ڇهن هفتن کان آئين سان جيڪو مذاق ڪيو پيو وڃي ۽ ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وفاقي ڪابينا واضح ڪيو ??هي ته ڪنهن به قسم جي مداخلت يا اختيارن جو جهڪاءُ قبول نه ڪيو ويندو ۽ ڪو آئيني عهديدار پنهنجي حدن کان تجاوز نه ڪري، ملڪ کي ڪنهن آئيني بحران طرف ڄاڻي واڻي ڌڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب ۽ بجلي واري وفا??ي وزير انجنيئر خرم دستگير خان سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اعظم نذير تارڙ چيو ته گذريل ڇهن ستن هفتن کان پا??ست??ن جي آئين سان ڪجهه آئيني عهديدار جهڙي طرح جو سلوڪ ڪري رهيا آهن ان تي پا??ست??ن جي اعليٰ عدالتن بي مثال فيصلا جاري ڪيا، حڪومتون تبديليون ٿينديون رهنديون آهن پر اهڙي صورتحال ڪڏهن پيدا ناهي ٿي، بدقسمتي سان هن ڀيري هڪ روش اختيار ڪئي وئي ??هي ته هر شيءَ قانون ۽ آئين کان هٽي ڪري ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اڄ ڪابينا پنجاب جي گورنر جي معاملي تي تفصيلي غور ڪيو، ڪابينا ۾ سمورين سياسي پارٽين جي نمائندگي آهي، پيپلزپارٽي، جي يو آءِ (ف)، ايم ڪيوا يم، بي اين پي، اي اين پي، مسلم ليگ (ن) سميت سمورين پارٽين ان معاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته ڪابينا ان ڳالهه تي خدشن جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم جي آئيني ايڊوائيس جيڪا آرٽيڪل 101 ۽ آرٽيڪل 48 جي تابع آهي، صدر ان تي عمل نه ڪيو. هن چيو ته وفاقي ڪابينا پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما کي هٽائڻ جي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي موڪليل ايڊوائيس جي توثيق ڪئي ۽ ان جي منظوري ڏني ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته پا??ست??ن جي آئين تحت حاڪميت الله تعاليٰ جي ??هي ۽ رياست پا??ست??ن جا حڪومتي ۽ رياستي معاملا عوام جي چونڊيل نمائندن کي وزيراعظم ۽ ڪابينا تحت استعمال ڪرڻا هوندا آهن. قانون واري وفا??ي وزير چيو ته ڪابينا واضح ڪيو ??هي ته ڪنهن به قسم جي مداخلت يا اختيارن جو جهڪاءُ قبول نه ڪيو ويندو ۽ ڪو آئيني عهديدار پنهنجي حدن کان تجاوز نه ڪري، ملڪ کي ڪنهن آئيني بحران طرف ڄاڻي واڻي ڌڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪابينا ۾ اهو به طئي ٿيو ته ان معاملي تي قومي اسيمبلي ۾ به بحث ڪيو ويندو ۽ سموريون پارٽيون ان تي پنهنجي راءِ جو اظهار به ڪنديون، ان حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ هڪ قرارداد پڻ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪابينا وزيراعظم جي فيصلن جي پا??ست??ن جي آئين تحت نه رڳو توثيق ڪئي پر پنجاب ۽ مرڪز ۾ خاص طور تي پنجاب جي گورنر ۽ صدر جهڙي طرح آئين جي حوالي سان پنهنجي اختيارن جو نه رڳو ناجائز استعمال ڪيو پر آئين شڪني جا مرتڪب ٿيا ان جي لاءِ به پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اڳتي جي حڪمت عملي تي مشاورت جاري آهي، ان جي لاءِ قانوني ۽ سياسي مشاورتي عمل پڻ شروع ڪيو ويو آهي.