اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ جا??ان جي سفير مٽسو هيرو واڊا ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ جا??ان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ جا??ان جي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه هلندڙ سال ملهائي پئي وڃي. ان مناسبت سان خصوصي تقريبون منعقد ڪرڻ کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته اهو پاڪستان ۽ جا??ان جي خصوصي لاڳاپن جو اظهار آهي. جا??ان سان پاڪستان جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺڻ وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪندي وزيراعظم واپار، ترقي، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ماحولياتي تبديلي ۽ انفراسٽرڪچر سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم پاڪستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ۽ ترقي جي شعبن ۾ بامعنيٰ ??عاون ۽ حصيداري جي لاءِ جائيڪا (جي آءِ سي اي) جي جاري پروگرامن کي ساراهيو. پاڪستان ۾ ڪاروبار دوست موقعن جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ جا??ان جي وڌيڪ ڪمپنين کي دعوت ڏني. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته حڪومت جا??اني سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. جا??ان جي سفير واڊا جا??ان جي پاڪستان سان ڊگهي مدي واري ٻطرفي تعاون جو ذڪر ڪندي گڏيل مقصد ۽ هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو. هن 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ افغانستان مان جا??اني شهرين جي انخلا جي لاءِ پاڪستان پاران فراهم ڪيل سهولت کي پڻ ساراهيو. ويراعظم ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ اعليٰ ??طحي وفدن جي مٽاسٽا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي جا??ان جي وزيراعظم کي جلد پاڪستان جي ??ور?? جي دعوت ڏني.