ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف برسات ۽ ٻوڏ متاثرين کي 24 ڪلاڪن جي اندر معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاق ۽ بلوچستان جي حڪومت قومي جذبي سان متاثرين جي بحالي ۽ ??با??ڪاري جي لاءِ پرعزم آهي، جيستائين آخري گهر ??با?? نه ٿو ٿئي سک سان نه ويهنداسين. اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته غيرمعمولي برساتن سبب وسيع پئماني تي نقصان ٿيو آهي، قيمتي جانين جي نقصان سان گڏوگڏ انفراسٽرڪچر کي به نقصان پهتو آهي، انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ اين ايڇ اي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي سميت ٻيا ادارا ۽ وفاقي حڪومت گڏجي قدم کڻي رهيا آهن، وفاق ۽ بلوچستان حڪومت قومي جذبي سان بحالي ۽ ??با??ڪاري جي لاءِ پرعزم آهن. وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن جي اندر فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي مالي مدد فراهم ڪئي وڃي، انهن جي خاندانن جي بحالي اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، امداد متاثرين جي گه??ن تائين پهچائي وڃي، پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي کي ان ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي، زخمين کي به فوري طور تي مالي مدد فراهم ڪئي وڃي. شهباز شريف چيو ته جن متاثرين جي گهر مڪمل يا جزوي طور تي تباهه ٿيا آهن، انهن جو معاوضو وڌائي 5 لک رپيا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جيستائين آخري متاثر گهر ??با?? نه ٿو ٿئي سک سان نه ويهنداسين. هن چيو ته سرنديءَ وارن ماڻهن کي اڳتي اچڻ گهرجي. هن چيو ته ان حوالي سان 3 تاريخ تي اسلام ??با?? ۾ اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ سم??رن معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو.