لاهور – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فاطمه جناح انسٽيٽيوٽ آف ڊينٽل سائنسز لاهور جو دورو ڪيو ۽ اس??تال ۾ جاري تعميراتي ڪمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير ??وڌري پرويز الاهي به ساڻس گڏ هو. صحت واري صوبائي وزير ??اڪٽر ياسمين راشد ۽ اس??تال جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر وحيد، صدر ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي آجيان ڪئي. ڊاڪٽر ياسمين راشد صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پنجاب جي وڏي وزير ??وڌري پرويز الاهي کي اس??تال ۾ جاري تعميراتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌ??يو ته ان پراجيڪٽ جي لاءِ 100 ڪينالن تي ٻڌل ڊينٽل اس??تال جي لاءِ 2005ع ۾ زمين خريد ڪئي وئي. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پروفيسر وحيد ٻڌ??يو ته اس??تال جي تعميراتي ڪمن جي شروعات 2010ع ۾ ٿي. هن ٻڌ??يو ته هن وقت ان پراجيڪٽ جي لاڳت جو ڪاٿو 347.358 ملين لڳايو ويو هو، جڏهن ته 30 جون 2022ع تائين ان منصوبي تي 673.390 ملين خرچ ڪيا ويا آهن. پروفيسر ڊاڪٽر وحيد ٻڌ??يو ته ٿري ڊي اس??تال جديد اوزارن ۽ سهولتن سان ليس هوندي ۽ ان کي تمام جلد مڪمل ڪيو ويندو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اس??تال ۾ جاري تعميراتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن عوام ان جديد ٿري ڊي اس??تال جي سهولتن مان فائدو کڻي سگهي.