اسلام آباد – 26 – آگسٽ (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جي مل??زمن ۽ آفيسرن پرائيم منسٽر ريليف فنڊ ۾ رضاڪار??ڻي طور تي عطيو ڏيڻ جو اعل??ن ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي اپيل تي اطلاعات واري وزارت ۽ ذيلي ادارن جي گريڊ 1 کان 16 تائين جا مل??زم پنهنجي هڪ ڏينهن جي پگهار رضاڪار??ڻي طور تي تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر عوام جي مدد لاءِ قائم ريليف فنڊ ۾ جمع ڪرائيندا. جڏهن ته گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين جا سڀئي آفيسر پنهنجي 7 ڏينهن جي پگهار پرائيم منسٽر فلڊ ريليف فنڊ ۾ عطيو ڪندا. اطلاعات واري وزارت جي مل??زمن چيو آهي ته اطلاعات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جا مل??زم هن مشڪل وقت ۾ حڪومت ۽ متاثر عوام سان گڏ بيٺل آهن. وزارت جا سمورا مل??زم ۽ آفيسر ٻوڏ سبب متاثر عل??ئق?? جي بحالي ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ وزيراعظم ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير جي اپيلن تي امدادي رقم فلڊ ريليف فنڊ ۾ جمع ڪرائڻ جو اعل??ن ڪيو آهي.