اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وفاق ۽ صوبا گڏجي پوليو جهڙي موذي مرض جو ??اتمو ڪندا ۽ پنهنجي ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻائيندا. پوليو جي خاتمي واري مهم شروع ٿيڻ تي خطاب ڪندي وزيراعظم سمورن پوليو ورڪرز ۽ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو جيڪي خطرن کي منهن ڏئي ۽ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن. ان موقعي تي وزيراعظم ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري پوليو جي خاتمي واري مهم جي شروعات ڪئي. صحت وارو و??اقي وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پوليو خطرناڪ مرض آهي جيڪو ٻارن کي معذوري ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿو، ان لاءِ سمورا والدين پنهنجي 5 سالن تائين جي عمر جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا لازمي پيارين ۽ قوم جي معمارن جو مستقبل ٺاهين. وزيراعظم چيو ته پوري دنيا ۾ پوليو جو ??اتمو ٿي چڪو آهي، پاڪستان ۾ به اهو مرض دم ٽوڙي چڪو هو پر بدقسمتي سان ڪجهه علائقن ۾ پوليو جا ڪيس ٻيهر سامهون آيا. وزيراعظم ان عزم جو ??ظهار ڪيو ته وفاق ۽ صوبا گڏجي پوليو جو ??اتمو ڪندا ۽ گڏيل بصيرت ۽ قوت کي استعمال ۾ آڻيندي ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻائيندا. وزيراعظم پوليو ورڪرز کي خراج تحسين پيش ڪيو جيڪي پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هر قسم جي حالتن ۽ ڏکين علائقن ۾ سموريون ??ڪا??ٽون عبور ڪندي ٻارن کي گهر گهر وڃي پوليو جا ڦڙا پياري رهيا آهن. وزيراعظم پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ دوران پنهنجي جانين جي قرباني ڏيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي پڻ خراج عق??دت پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم انهن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم صحت واري وفاقي وزير، سنڌ جي وڏي وزير، سمورن صوبائي حڪومتن بشمول ڪشمير ۽ گل??ت بلتستان جا پڻ ٿورا مڃيا ته اهي پوليو جي خلاف مهم ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن ان خير جي ڪم ۾ حصو و??ندڙ سمورن ادارن ۽ تنظيمن جا پڻ ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته اسان گڏيل ڪوششن کي استعمال ۾ آڻي الله جي فضل ۽ ڪرم سان ان مرض جو ??اتمو ڪنداسين.