ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن ۾ ويجهي ت??اون کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪاسا 1000 منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي اعليٰ سطحي رابطا برقرار رکڻ تي ??تفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ شنگهائي ت??اون تنظيم جي مملڪتي ??ربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جي صدر رسدير زاپروف جي ملاقات ۾ ٿيو. ٻنهي اڳواڻن وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪرغزستان جي صدر موسمياتي ??بديلين جي ڪري پاڪستان ۾ ايندڙ وڏي ٻوپ ۾ قيمتي ??انين جي زيان ۽ ملڪيتن کي پهچندڙ نقصان تي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ??يو. وزيراعظم يڪجهتي ??ي اظهار تي ??در زاپروف جا ٿورا مڃيا ۽ شديد ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي تفصيلن کان کيس آگاهه ??يو. هن موسمياتي ??بديلي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدمن جي اهميت ۽ پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاءِ تعاون جي ضرورت تي ??ور پڻ ڏنو جن جو ڪاربن جي اخراج ۾ عملي طور تي ڪو ح??و نه آهي. ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ ويجهي ت??اون جي ضرورت تي ??ور ڏنو ۽ اعليٰ سطحي دورن، بين الپارلياماني لاڳاپن ۽ دفاعي ۽ سيڪيورٽي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ??يو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل وزارتي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس جلد گهرائڻ تي ??تفاق ??يو. هنن بجلي جي پهچ جي ڪاسا 1000 منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ڪرغزستان کي گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن جي ذريعي سمنڊ تائين پهچ ۾ سهولت ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ چارٽرڊ اڏامن جي بحالي جي پڻ آجيان ڪئي. وزيراعظم جمهوريه ڪرغزستان جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ 11000 کان وڌيڪ پاڪستاني شاگردن جي ميزباني تي ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڪرغزستان جي حڪومت ملڪ ۾ انهن جي ت??ليمي قيام دوران انهن کي سهولتون فراهم ڪندي رهندي ۽ انهن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائيندي. ٻنهي ڌرين اعليٰ سطحي رابطن کي برقرار رکڻ تي ??تفاق ??يو. وزيراعظم صدر زاپروف کي جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.