اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کي ??ان?? مارچ جي تاريخ ڏيڻ کان اڳ ڪجهه اهم سوالن جا جواب ڏيڻ جو چئلينج ڏيندي چيو آهي ته قومي سلامتي سان کيڏندڙ فارن اي??نٽ اسلام آباد ڪرڻ ڇا اچي رهيو آهي؟ عمران خان قومي مفادن سان اها ڪڌي ۽ سنگين راند ڪيستائين کيڏندو رهندو؟ ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ بدران ??ان?? مارچ جي تياري، معيشٽ تباهه، 20 هزار ارب جو تاريخي قرض وٺندڙ فارن اي??نٽ ڪوڙو اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ عمران خان جي ??ان?? مارچ جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوال ڪيو ته پاڪستان جي معيشت کي ڏيوالپڻو ڪرڻ جي سازش ڪندڙ فارن اي??نٽ اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ هن چيو ته فارن اي??نٽ 95 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، 2 ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي جهنم ۾ ڌڪيو، هاڻي هو اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ هن چيو ته پارليامينٽ کي ٽوڙيندڙ آئين شڪن اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ عدليه ۽ ججن کي ڌمڪائڻ، ادارن تي الزام هڻڻ ۽ سياست ۾ ڌڪيندڙ اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ هن چيو ته ڪشمير فروش فارن اي??نٽ اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ توشه خانه جو چور، فرح گوگي، پيرني جي ڪرپشن جو شريڪ ڏوهاري اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان اڳ ۾ انهن سوالن جا جواب ڏي ۽ پوءِ ??ان?? مارچ جو اعلان ڪري.