اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ريم اورنگزيب سينيئر صحافي ارشد شريف مرحوم جي گهر وئي ۽ سندس وال??ه سان تعزيت جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??رحوم ارشد شريف جي گهرواريءَ، ٻارن ۽ سمورن گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان حڪومت ڪينيا مان ارشد شريف جو لاش پاڪستان آڻڻ ??ي لاءِ سمورا ق??م کڻي رهي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ٽيليفون تي ارشد شريف جي وال??ه سان تعزيت ۽ گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ارشد شريف جي مارجڻ جي خبر تمام گهڻي ڏکوئيندڙ آهي، ارشد شريف جي والده وزيراعظم کي پنهنجي پٽ ارشد شريف جي ميت جلد پاڪستان آڻڻ ??ي درخواست ڪئي. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته ان سلسلي ۾ سمورا قدم هنگامي بنيادن تي کنيا پيا وڃن. مرحوم ارشد شريف جي والده وزيراعظم سان ڳالهائيندي چيو ته توهان منهنجي ننڍي پٽ ارشد شريف جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي به تعزيت جي لاءِ گ??ر آيا هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت ڪينيا جي حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آهي، مرحوم ارشد شريف جي مڙهه کي وطن واپس آڻڻ ??ي لاءِ پرڏيهي ۽ گهرو وزارتن کي فوري قدمن جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم پرڏيهي سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي ميت جي واپسي جو عمل تيز ڪرڻ ۽ ٻنهي وفاقي سيڪريٽرين کي ڪينيا جي عملدارن سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي وفاقي سيڪريٽرين کي ميت جي وطن واپسي جي سمورن مرحلن جي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم مرحوم جي والده کي يقين ڏياريو ته ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ٿيندي ئي مرحوم ارشد شريف جو مڙهه پاڪستان آندو ويندو.