اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر افغان ع??وري حڪومت جي پرڏيهي وزير امير خان م??قي سان افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي معاملن تي مشاورت ڪئي وئ??. پ??ڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ تعليم، صحت، واپار ۽ سيڙپڪاري، علائقائي رابطن، عوامي رابطن ۽ سماجي، اقتصادي منصوبن سميت گڏيل دل??سپي جي ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.