استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر استنبول ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وز??راعظم محمد شهباز شريف ميمبر ملڪن جي ترقياتي منصوبن ۾ بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته اي سي او بئنڪ سان پاڪستان جا پراڻا لاڳاپا ساراهه جوڳا آهن. وز??راعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان مالي ۽ ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، هي امداد انتهائي اهم آهي. هن چيو ته ميمبر ملڪن جي ترقياتي منصوبن ۾ اي سي او بئنڪ جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. ملاقات دوران اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر وز??راعظم محمد شهباز شريف کي آگاهه ڪندي ٻ??اي?? ته بئنڪ پاڪستان کي 150 ملين يورو جو ق??ض ڏيندي. هن چيو ته اهو فنانشل پئڪيج ٻوڏ سٽيلن جي امداد ۽ تيل جي درآمد تي خرچ ٿيندو. وز??راعظم اي سي او بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيو.