اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته اف??انستان ۾ پاڪستان جي سفارتخاني کي بند ڪرڻ يا ڪابل مان سفارتڪارن کي واپس گهرائڻ جو ڪو ارادو نه آهي. ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني تي جمعي ڏينهن ٿيندڙ حملي جي حوالي سان ميڊيا جي سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته سفارتخاني کي بند ڪرڻ يا ڪابل مان سفارتڪارن کي واپس گهرائڻ جو ڪو منصوبو نه آهي. پاڪستان اف??انستان ۾ عبوري حڪومت سان رابطي ۾ آهي ۽ اف??انستان ۾ پاڪستاني سفارتي عملي ۽ مشنز جي ??فا??ت جي لاءِ ??فا??تي انتظامن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي.