اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان قومي سلامتي بابت اسر??ئي??ي وزير جي مسجد اقصيٰ جي اڱڻ جي دوري جي اشتعال انگيز قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مسجد اقصيٰ هڪ مقدس جڳهه آهي جنهن جو سڄي دنيا جا مسلمان احترام ڪن ٿا، ان جي تقدس جي خلاف ورزي مسلمانن جي مذهبي حساسيت کي مجروح ڪري ٿي ۽ والاريل فلسط??ني علائقن ۾ اڳ کان ڇڪتاڻ واري صورتحال کي هوا ڏي ٿي. هن چيو ته اسر??ئي?? کي گهرجي ته هو پنهنجا غيرقانوني قدم بند ڪري ۽ والاريل فلسط??ني علائقن ۾ مسلمانن جي مذهبي جاين جي تقدس جو احترام ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان فلسط??ني عوام جي جائز جدوجهد جي ڀرپور حمايت کي ورجائي ٿو، پاڪستان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل فلسط??ني رياست جنهن القدس الشريف گادي وارو شهر هجي، جي پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪري ٿو.