اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو آهي ته اسان ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ پاڪست??ن جي مسلسل مدد جي لاءِ يو ايس ايڊ جي ذريعي آمريڪا جي 100 ملين ڊالر جي اعلان تي ٿورا مڃون ٿ??. پ??هنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ بهتر طريقي سان بحالي ۾ اس??ن جي دوستن ۽ حصيدارن جي مدد تمام اهم آهي.