انقره – 17 – فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي زلزلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ شهر آديا??ان جو دورو ڪيو آديا??ان پهچڻ تي وز??راعظم جو واپار واري وز??ر مهمت موش، ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر واري وز??ر عادل ڪريس ميلو اوغلو، آديا??ان جي گورنر ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن استقبال ڪيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪ پارليامينٽ ۾ پاڪستان – ترڪي ??ري??ڊشپ گروپ جي چيئرپرسن علي ساهين وز??راعظم سان گڏ انقره ۾ آديا??ان پهتا. وز??راعظم سرديءَ جي موسم جي خيمن جي امدادي کيپ ترڪ عملدارن جي حوالي ڪئي جيڪا پاڪستان ??ان سي 130 جهاز ذريعي پهتي. تقريب کانپوءِ ترڪ ڊيزاسٽر ريليف اٿارٽي (اي ايف اي ڊي) پاران جاري بچاءُ ۽ امداد?? سرگرمين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وز??راعظم چيو ته سمورين رڪاوٽن تي ضابطو آڻڻ ۽ سمورن چئلينجن کي شڪست ڏيڻ جي روايتي ترڪ جذبي سان ترڪ قوم ان قدرتي آفتن ??ان اڳ کان وڌيڪ مضبوط نڪرندي. هن چيو ته ترڪيه سدائين پاڪستان کي پاڻ سان گڏ ڏسندو. بعد ۾ وز??راعظم آديا??ان شهر جي زلزلي متاثر مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان?? سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي علائقي ۾ سرچ ۽ بچاءُ جي ڪاررواين ۾ مصروف آهن. وز??راعظم انهن جي جذبي ۽ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ فعال ڪردار ادا ڪندو رهندو. ان موقعي تي وز??راعظم زلزلي متاثرين سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي جن ترڪيه جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط ۽ پرعزم حمايت سان گڏوگڏ پاڪستاني ريسڪيو ٽيمن پاران جا??يون بچائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ تي انهن جا ٿورا مڃيا.