اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مهانگائي جي ظلم سان عوام جي ديڳڙي خالي ڪندڙ اڄ هن پارليام??نٽ تي حملي آور ٿيا جنهن کان ا??ي پگهارون ۽ مراعتون وٺي رهيا آهن، ديڳڙيون ۽ چمچا فرح گوگي، بشريٰ بي بي ۽ عمران خان کي ڏيکارين، پي ٽي آءِ جا ميمبر پارليام??نٽ جا دروازا ٽپڻ جا ڊراما نه ڪن، اسپيڪر وٽ وڃن ۽ پنهنجي استعيفائن جي تصديق ڪن، اسپيڪر انهن کي گهرائي ٿو ته اهي ڀڄي وڃن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليام??نٽ هائوس ۾ مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواهه جي سيڪريٽري اطلاعات اختيار ولي سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ پي ٽي آءِ جون عورت ميمبر پارليام??نٽ تي حملي آور ٿيون، ميڊيا جي ڪئميرامن سمورا منظر عوام کي ڏيکاريا جنهن تي ميڊيا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿا. هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران ميڊيا جي ڪئميرائن کي پارليام??نٽ کان ٻاهر رکيو ويو ڇو ته ان وقت هڪ اهڙو ٽولو پاڪستان تي مڙهيل هو جيڪو پاڪستان جي عوام کي حقيقتون ٻڌائڻ نه ڏيندو هو، ان جو ڪم رڳو ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ڪرپشن ڪرڻ هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چئن ڏينهن کان انتظار ڪري رهيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ميمبر اچي پنهنجي استعيفائن جي تصديق ڪن، پارليام??نٽ ۾ انهن کي اچڻ کان ڪنهن ناهي روڪيو پر پي ٽي آءِ جي عورت ميمبرن پارليام??نٽ جا گيٽ ٽپڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو تماشي کانسواءِ ڪجهه نه آهي. هن چيو ته هي جنهن پارليام??نٽ تي حملو ڪري رهيا آهن، ان??ي پارليام??نٽ مان ا??ي پگهارون ۽ مراعتون وٺي رهيا آهن. هن چيو ته پارليام??نٽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن جو انتظار ڪري رهي آهي، اچن پنهنجي استعيفائن جي تصديق ڪن ۽ گهر وڃن. هن چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي روڪيو نه ويو ته ا??ي پارليام??نٽ جو گيٽ ڇو ٽپي رهيون هيون. هن چيو ته اهي ديڳڙيون کڻي بني گالا وڃن، اتي احتجاج ڪن، اڄ ملڪ جي عوام مهانگائي جي بار هيٺ دٻيل آهي ته ان جو ذميوار عمران خان آهي، اڄ ملڪ ۾ 16 سيڪڙو مهانگائي عمران خان جي ڪري آهي، بيروزگاري، واپاري خسارو، معاشي تباهي، پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي جو ذميوار به عمران خان آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان ملڪ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ ۽ ائٽمي پروگرام کسجڻ جون جيڪي ڳالهيون ڪري رهيو آهي، هن ملڪ کي بنانا ريپبلڪ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، اهي سپريم ڪورٽ ۽ پارليام??نٽ تي حملوي آور ٿيا. هن چيو ته بني گالا گذريل چئن سالن کان مني گالا بڻيل هو جتي ڪارٽلز ۽ مافيا جا کيسا ڀريا پئي ويا. هن چيو ته عمران خان سدائين پنهنجي ورڪرز کي تشدد ۽ فساد تي اتساهيو، اڄ عمران خان پنهنجي ساڄي پاسي جهنڊا رکي عوام کي پنهنجي ڪوڙي ڪارڪردگي ٻڌائي رهيو آهي، عوام جنهن ريٽ تي اٽو خريد ڪري رهي هئي اها سڀني کي خبر آهي، شهباز شريف اچي اٽو ۽ کنڊ سستي ڪئي، اڄ 400 رپين جو 10 ڪلو اٽو ملي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيوت ه عمران خان جي نااهلي جي ڪري اڄ اسان کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پئجي رهيا آهن، عمران خان پيٽرول تي سبسڊي ڏني جڏهن تهملڪي ناڻي ۾ ان جي لاءِ پئسا موجود نه هئا. هن چيو ته شهباز شريف ڏينهن رات محنت ڪري عوام کي مهانگائي، لوڊشيڊنگ جي اثرن کان محفوظ بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ پارليام??نٽ ٻاهران جيڪي احتجاج ڪري رهيا آهن اهي ديڳڙيون کڻي بني گالا وڃن، اتي مهانگائي ۽ لوڊشيدنگ جي خلاف مظاهرو ڪن، معاشي تباهي، پرڏي??ي پاليسي کي تباهه ڪرڻ جو ماتم بني گالا ۾ ڪن ??و ته انهن سمورين خرابين جو ذميوار بني گالا ۾ ويٺل آهي. هن چيو ته ڪنهن پارليام??نٽ ميمبر کي پارليام??نٽ جي اندر اچڻ کان روڪيو ناهي ويو، پي ٽي آءِ جون عورت ميمبر ڄاڻي واڻي پارليام??نٽ جي گيٽ تي چڙهيون ۽ تماشو لڳايو، پوليس انهن کي روڪيندي ر??ي پر انهن پاڻ سان گڏ وڌيڪ ماڻهن کي ملائي پارليام??نٽ تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ جي اندر قانون موجود آهي، جيڪو قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻندو اهو قانون جي دائري ۾ ايندو. هن چيو ته هن وقت هڪ اهڙي حڪومت موجود آهي جيڪا عوام جي خدمت ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ پنهنجي چئن سالن ۾ ملڪ دشمن بجيٽ ڏنيون جن سان معاشي تباهي آئي، بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو. اڄ اسان انهن جو وڌل گند صاف ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جي عوام کي اها بجيٽ ڏينداسين جيڪا هڪ ويزن تحت هوندي ۽ پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ هوندي. هن چيو ته بجيٽ سان روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو، زرعي شعبو ترقي ڪندو، مهانگائي گهٽ ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جن کي تماشو لڳائڻو آهي اهي بني گالا وڃن، هتي تماشن جي ضرورت نه آهي، هتي سنجيده حڪومت ڪم ڪري رهي آهي، اسان معيشت کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو سڪون جون گوريون کائين، اسان کي به سڪون سان ڪم ڪرڻ ڏين ۽ پاڻ به سڪون ڪن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان 25 مئي تي لانگ مارچ جي ڪال ڏني هئي ۽ ??ي پنهنجي ئي لانگ مارچ جو ڀڳوڙو آهي، ??ي پنهنجي ماڻهن کي رستن تي ڇڏي پاڻ هيلي ڪاپٽر ۾ ويهي فرار ٿي ويو. هن چيو ته عمران خان خيبرپختونخواهه جي ٽيڪس جي پئسن سان کاڌو پيتو، هٿيار خريد ڪيا، پنجاب پوليس ۽ وفاقي پوليس تي حملي آور ٿيو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ پارليام??نٽ جي گيٽ تي پي ٽي آءِ جي ميمبرن جيڪو ڪجهه ڪيو ان جو دنيا ۾ ڪهڙو اميج ويندو، جڏهن اهي ماڻهو حڪومت ۾ هئا ته ان وقت به اهي بي عزتي ڪرائي رهيا هئا. هن چيو ته عمران خان ضمانت ڪرائيندي خيبرپختونخواهه کان بني گالا پهچي ويو آهي، اڄ هو جهنڊا رکي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو هو، کيس ٻڌائڻ گهرجي ها ته هن وقت مهانگائي جي شرح ڪيتري آهي، ملڪ جي اندر ڪيترا منصوبا شروع ڪيا. هي نواز شريف جا شروع ڪيل منصوبن تائين آپريشن نه ڪري سگهيو. هن چيو ته اڄ اڪنامڪ سروي انهن جي چار سالا ناڪامين ۽ نااهلي جا داستان ٻڌائي رهيو آهي، ملڪ جي اندر هڪ ڪروڙ ماڻهو بيروزگار ٿيا. هن چيو ته عمران خان شيشو ڏسي کيس 16 سيڪڙو مهانگائي نظر ايندي، ملڪي معيشت جي تباهي نظر ايندي، آءِ ايم ايف سان معاهدي تي صحيحون نظر اينديون جنهن جي ڪري اڄ عوام مهانگائي جي بار هيٺ دٻيل آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف عوام تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي، اٽي ۽ کنڊ ۾ ريليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان جو اهو چوڻ ته هو وفاق تي حملو ڪرڻ اچي رهيو آهي ۽ هن سپريم ڪورٽ مان اميد لڳائي رکي آهي ته اها انهن کي اجازت ڏيندي، سپريم ڪورٽ 25 مئي تي به انهن کي جلسي ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي پر هي هڪ جلسيءَ تائين نه ڪري سگهيا. اهي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي توهين ڪندا رهيا ۽ پنهنجي ماڻهن کي ڊي چوڪ پهچڻ جو چوندا رهيا، انهن سان گڏ ايترا ماڻهو نه هئا جو اهي ڊي چوڪ پهچن، انهن کي اتان ڀڄڻو پيو، هي تاريخ نه ٿا ڏئي سگهن، تاريخ رڳو هڪ آهي آڪٽوبر 2023ع جي اليڪشن، عمران خان ان جو انتظار ڪري.