جنيوا – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کان والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ ڀارت ۾ تڪراري شهريت بل جي منظوري جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته دنيا ڄاڻي وٺي ته ??ارت ۾ پناهگيرن جو هڪ وڏو بحران جنم وٺي رهيو آهي، 5 آگسٽ کان والاريل ڪشمير جي 80 لک عوام قيد آهي، ڄ??ڻي واڻي مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پناهگيرن بابت عالمي فورم کي خطاب ڪندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته پناهگيرن بابت پهرين عالمي فورم جي انعقاد تي خوشي ٿي.