اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪرونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي ل??ءِ سمورن مڪتبه فڪر جي عالم سڳورن سان مشاورت ک??نپ??ءِ جمعي نماز جو خطبو ۽ جماعت سان نمازن کي مختصر رکڻ، هٿ ملائڻ کان پاسو ڪرڻ، 21 ما??چ کان سو??ءِ تربت ۽ گوادر جي سمورن عالمي ايئرپورٽس تي عالمي اڏامن جي اچ وڃ بحال ڪرڻ، کنڊ بحران جي جاچ ۾ آءِ ايس آءِ ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو نمائندو شامل ڪرڻ ۽ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ اسٽريٽجي پيپر جي م??ظوري ڏني وئي آهي، بجيٽ خرچن جي ترجيحن ۾ دفاع ۽ سيڪيورٽي کانسو??ءِ احساس ۽ سماجي تحفظ، پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام، سرڪاري م??ازمن جي پگهارن، ه??ئوسنگ ۽ نئون پاڪستان تحت مختلف قدمن، فوڊ سيڪيورٽي، هيلٿ، ه??يئر ايجوڪيشن، ٽوئرازم وغيره شامل آهن، بجيٽ ۾ سرڪاري م??ازمن جي زخمن تي مرهم رکنداسين، وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڄي دنيا ۾ موجود سمورن پاڪستانين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ک??نپ??ءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري، هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبلا اياز سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته قومي سلامتي ۽ عوام جي ڀلائي جي حوالي سان ڪابينا اهم فيصلا ڪيا آهن.