اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آه?? ته هي هڪ ٻئي تي تنقيد جو نه پر گڏجي ويهي ملڪ مان ڪورونا وائرس کي ختم ڪرڻ ۽ مستحقين تائين امداد جي فراهمي لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو وقت آه??، وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي صورتحال جو ويجهي کان جائزو وٺي رهيو آ??ي ۽ 13 اپريل تي قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ صوبن جي مشاورت سان اڳتي جي حڪمت عملي بابت فيصلا ڪيا ويندا. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان روزاني جي بنياد تي لاڳاپيل عملدارن سان ملاقاتون ڪري رهيو آه??، حڪومت جي ڪوشش آه?? ته متوازن فيصلا ڪيا وڃن ته جيئن وبا مان به ڇوٽڪارو ملي سگ??ي ۽ ملڪ جا پيڙهيل ماڻهو به متاثر نه ٿين، ??ورونا سان گڏوگڏ مستحقين جي مدد بابت به فيصلا ڪرڻا آه??.