اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۽ پرڏيهي نا??ي جي ذخيرن ۾ اض??في جي حوالي سان اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صلاحڪارن ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، شهزاد اڪبر، ڊاڪٽر عشرت حسين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ٻ??ن آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۽ پرڏيهي نا??ي جي ذخيرن جي صورتحال ۽ ان ۾ وڌ??ڪ اض??في جي لاءِ تجويز ڪيل تجويزن ۽ قدمن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم جولاءِ 2020ع ۾ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين طرفان موڪليل مٽاسٽا جي ناڻي ۾ واضح اض??في تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ ۽ قوم جو سڀ کان وڏو قيمتي اثاثو آهن، هن چيو ته مٽاسٽا جي نا??ي جي حوالي سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.