اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين ??ي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازه ترين انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اڱاري ڏينهن اين ??ي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ 19 جي 450 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 م??ڻهو فوت ٿيا جڏهن ته 9 م??يض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ ڪووڊ 19 جي ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ 19 جا 24 هزار 231 ٽيسٽ ڪيا وي?? جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 426، پنجاب ۾ 8 هزار 461،خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 695، اسلام آباد ۾ 2 هزار 803، بل??چستان ۾ 444، گلگت بلتستان ۾ 287، آزاد ڪشمير ۾ 115 ٽيسٽ شامل ڪيا وي??، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 78 هزار 425 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بل??چستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي.