اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سال 2020ع ۾ 323 ارب روپين ??ي وصولي تي قومي احتساب بيورو جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته معاشري مان ??دعنواني جي خاتمي، شفاف گورننس ۽ احتساب جي فروغ لاءِ وڌيڪ موثر قدم کنيا وڃن، بدعنواني کان پاڪ پاڪستان ??ي ويزن جي پڄاڻي لاءِ احتساب سڀني لاءِ يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، هو نيب جي چيئرمين ??سٽس (ر) جاويد اقبال سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، ان موقعي تي نيب جي چيئرمين ??سٽس (ر) جاويد اقبال صدر کي سال 2020ع بابت نيب جي رپورٽ پيش ڪئي، هن نيب جي ڪارڪردگي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيب سال 2020ع ۾ 24 هزار 706 شڪايتون مليون، ان ??وران گذريل سال جي شڪايتن سميت مجموعي طور تي 30 ه??ار 405 شڪايتون اڪلايون ويون، هن چيو ته نيب 878 شڪايتن جي توسيع تي ڪارروائي ڪئي، جڏهن ته 369 انڪوائريز ۽ 175 انويسٽيگشنز ڪيون ويون، ??ن کانسواءِ گذريل سال احتساب عدالتن ۾ 136 ريفرنس داخل ڪيا ويا، نيب چيئرمين چيو ته سال 2020ع دوران پراسيڪيوشن ڪاميابي جو مجموعي تناسب 66 سيڪڙو رهيو، صدر سال 2020ع ۾ 323 ارب روپين ??ي رڪوري ڪرڻ تي نيب جي واکاڻ ڪئي.