اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب کي هدايت ??ئي آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ ٻاهرين ملڪ نوٽري پبلڪ جي نامزدگي جي حوالي سان پنهنجي فيصلي تي عملدرآمد يقيني بڻائي، ان قدم سان ٻاهرين ملڪ دستاويزن جي تصديق ۽ مختيار نامو جاري ڪرڻ جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۾ مدد ملندي، صدر ان حوالي سان 5 سالن کان وڌيڪ عرصي کان هڪ معاملو حل نه ٿيڻ ۽ لاڳاپيل کاتن پاران موثر قدم نه کڻڻ تي ناراضگي جو ??ظهار ڪيو. آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني شهري جي شڪايت جو نوٽيس وٺندي صدر وفاقي محتسب کي هدايت ??ئي ته 15 اپريل 2015ع ??ي ڪيل پنهنجي فيصلي تي بنا دير قانون موجب عملدرآمد يقيني بڻائي، محمد نصر الله خان نالي شهري وفاقي محتسب جي فيصلي تي عملدرامد نه ٿيڻ جي خلاف صدر کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ??ئي هئي. وفاقي محتسب 15 اپريل 2015ع ??ي پنهنجي فيصلي ۾ گهر?? وزارت کي آمريڪا جي وڏن شهرن ۾ نوٽري پبلڪ مقرر ڪرڻ جي سفارش ??ئي هئي جيڪي سمنڊ پار پاڪستانين جي دستاويزن جي تصديق ڪري سگهن. شڪايت ڪندڙ ان ف??صلي تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ وفاقي محتسب کي اپيل ??ئي جنهن تي 18 جون 2015ع ??ي ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ وفاقي محتسب پرڏيهي وزارت کي ٻن مهينن ۾ مناسب حڪمت عملي جوڙڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن کي ضروري هدايتون جاري ڪرڻ ۽ ان حوالي سان عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ??ئي هئي.