اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ نئين پاڪستان جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت سمورا واعدا پورا ڪيا آ??ن، رياستن جي بيانيي جي فروغ لاءِ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، اي پي پي، ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي کي آگسٽ ??ائين ڊيجيٽلائيز ڪرڻ شروع ڪنداسين، آءِ ايس پي آر پاڪستان ۾ مختصر وقت جي فلمن کي نئون رخ بخشيو، فلم ٺاهڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، پاڪستان دهشتگردي جي جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون، دنيا ۾ جنگيون هاڻي پنهنجي بيانيي جي فتح جي ذريعي وڙهيون وڃن ٿيون، ماضي ۾ ان تي ڌيان نه ڏنو ويو. نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول جي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃان ٿو ته هن اسان کي عمارت ڏني جيڪا تقريبن بند پيل هئي. آگسٽ ۾ جڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي ٽي سال پورا ٿيندا ته ان عمارت ۾ ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ٺهي ويندي. هن چيو ت?? اڄ جي دنيا عوامي راءِ جي دنيا آهي، هاڻي جنگيون بيانيي جي ذريعي وڙهيون وڃن ٿيون جنهن جو بيانيو جيتري پذيرائي حاصل ڪندو انهي سان فتح جو تعين ٿيندو، سڄي دنيا ۾ ميڊيا کي بيانيي جي جوڙجڪ ۽ ان کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، پاڪستان کي جهڙ?? طرح جي جاگرافيائي صورتحال درپيش آهي ۽ جهڙ?? طرح اسان جنگيون وڙهيون، شهادتون ۽ قربانيون ڏنيون آ??ن، ان جي مقابلي ۾ اسان پنهنجو بيانيو اجاگر نه ڪري سگهياسين جنهن جي ڪري دنيا اسان جي قربانين جو اهڙ?? طرح اعتراف نه ڪيو جهڙ?? طرح ڪرڻ گهرجي ها ڇو ته اسان عوامي راءِ ٺاهڻ جي لاءِ ڪم نه ڪيو.