اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرين ??لڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، مٽاسٽا جي ناڻي جي وڌندڙ انگ اکر سندن حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جو ثبوت آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترجيحاتي شعبن تحت ٻاهرين ??لڪ رهندڙ پاڪستانين کي مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ ۾ آساني ۽ وڌيڪ سهولت ڏيڻ بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، نادرا چيئرمين محمد طارق ??لڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌ??يو ويو ته ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ گڏجي مٽاسٽا جو ناڻو موڪليندڙ ٻاهرين ??لڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ هڪ جامع پيڪيج تيار ڪري رهيا آهن جنهن ۾ نه رڳو موڪليل رقم جي حساب سان م??لي مراعتون ۽ انعام شامل آهن پر بينيفشري اڪائونٽ کولڻ ۽ رقم جي فوري منتقلي به يقيني بڻائي پئي وڃي، ڄاڻايل نظام لاءِ هڪ ڊجيٽل ايپليڪيشن به تياري جي مرحلي ۾ آهي، مراعتن جي فراهمي لاءِ 9 وڏن قومي ادارن سان گڏجي ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪو سفري سهولتن لاءِ شناختي دستاويزن جي تياري، ضروري شين جي خريداري، ٽيڪس جي ادائيگي، انشورنس ۽ ٻارن جي تعليمي خرچن ۾ رعايتون ۽ مراعتون فراهم ڪندو، ايندڙ مهيني جي شروع تائين ڪم مڪمل ڪري پروگرام باقاعده جاري ڪيو ويندو، وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته ٻاهرين ??لڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جا وڌندڙ انگ اکر حڪومت جي پاليسين تي اعتماد کي ظاهر ڪن ٿا. وزيراعظم انهن قدمن بابت مقرر ڪيل عرصي ۾ ڪم جي تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته منصوبي جي ڪڙي نگراني لاءِ لائحه عمل جوڙي شڪايتن جي از??لي لاءِ پورٽل به منصوبي جو حصو بڻايو وڃي.