اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته صحت، احساس ۽ آ??اد??ار ڪارڊ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، حڪومت جو صحت ڪارڊ نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا ۾ عوام کي صحت جي مڪمل سهولتن جي مفت فراهمي ج?? حوالي سان منفرد قدم آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ آ??اد??ار، هيلٿ ۽ احساس ڪارڊ جي اڳڀرائي بابت اع??يٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ ساهيوال ۽ ڊيره غازي خان ڊويزن ۾ هيلٿ ڪارڊ ورهائڻ ۽ ان جي ذريعي ماڻهن کي صحت جون سهولتون حاصل ڪ??ڻ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ صحت ڪارڊ جي ورڇ جي ٻئي مرحلي کي جلد لاهور کان شروع ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته لاهور ۾ صحت ڪارڊ جي ورڇ ج?? حوالي سان ڪم تيزي سان جاري آهي. آ??اد??ار ڪارڊ ج?? حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪارڊ جي ورڇ جو عمل ڏکڻ پنجاب کان شروع ڪيو ويو جنهن جا مثبت نتيجا ملي رهيا آهن، آ??اد??ار ڪارڊ سان سڌوسنئون سبسڊي سان نه رڳو آ??اد??ارن کي معاونت جي فراهمي پر شفافيت جو عنصر پڻ يقيني بڻايو ويو آهي. ان کانسواءِ آ??اد??ار ڪارڊ ۾ سبسڊي جي لاءِ وڌيڪ پراڊڪٽس کي شامل ڪ??ڻ جي حڪمت عملي حتمي مرحلن ۾ آهي. ان موقعي تي وزيراعظم هيلٿ، آ??اد??ار ۽ احساس ڪارڊ جي ورڇ ۽ ان سان لاڳاپيل انتظامن کي جلد مڪمل ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ڊاڪٽر فيصل سلطان، جمشيد اقبال چيما ۽ لاڳاپيل اع??يٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏن وزيرن ۽ چيف سيڪريٽر??ن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پٺتي پيل طبقي جي لاءِ صحت ۽ احساس ڪارڊ هڪ وڏو ريليف فراهم ڪندا، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ان حوالي سان خصوصي سيل ٺاهي ڪم ۾ تيزي آندي پئي وڃي. هنچ يو ته لاهور ۾ پڄاڻي کانپوءِ جلد صحت ڪارڊ جي ورڇ پوري پنجاب ۾ يقيني بڻائي ويندي، صحت، احساس ۽ آ??اد??ار ڪارڊ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.