اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ ??وٽ??گ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ٿي رهيو آهي، ٽيڪنالاجي جي استعمال جو مقصد چونڊ عمل کي شفاف بڻائڻ ۽ انساني عمل دخل کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ آهي، اليڪٽرانڪ ??وٽ??گ مشين (اي وي ايم) جي استعمال سان ووٽ رد ٿيڻ جو امڪان به ختم ٿي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنه فرينڊشپ سينٽر ۾ اليڪٽرانڪ ??وٽ??گ مشين جي استعمال بابت عملي مظاهري جي مشاهدي جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته گذريل عام چونڊن دوران 15 لک ووٽ رد ٿيا جنهن جي ڪري بيلٽ پيپر جي غلط فولڊنگ يا پرزائيڊنگ آفيسرن جي صحيحن جي عدم موجودگي هئي هن چيو ته ان اليڪٽرانڪ ??وٽ??گ مشين جي استعمال سان ووٽ رد ٿيڻ جو ڪو به امڪان نه رهندو، هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ اي وي ايم متعارف ڪرائڻ چاهيون ٿا ته جيئن چونڊ عمل ۾ ڌانڌلي جي عنصر کي ختم ڪري سگهجي. هن چيو ته هن وقت 20 کان وڌيڪ ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ ??وٽ??گ مشينون استعمال ڪري رهيا آهن، هر ملڪ جو پنهنجو ڌار ڌار ماڊل آهي، چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري اسلام آباد ۽ ڪاروباري برادري جي نمائندن جي سوال جو جواب ڏيندي مملڪتي وزير چيو ته چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ووٽرز جو اعتماد وڌندو، اسان چاهيون ٿا ته عام چونڊن ۾ اي وي ايم جي استعمال کان اڳ واپاري تنظيمن، بار ايسوسيئيشنز، پريس ڪلبز ۽ ٻي فيڊريشنز پنهنجي چونڊن ۾ ان ??وٽ??گ مشين کي استعمال ڪن. آزمائشي طور تي استعمال سان ماڻهن جو اعتماد بحال ٿيندو. هن چيو ته ووٽرز ا??جو??يشن ۽ ٽريننگ اليڪشن ڪميشن جي ذميدارين ۾ شامل آهي ته جيئن پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ووٽرز کي بيلٽ پيپرز جي استعمال سان آگاهي ڏئي سگهجي. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ 18 ڪروڙ سمون آهن ۽ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو فور جي ٽيڪنالاجي استعمال ڪندا آهن جنهن سان ماڻهن ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت پهرين کان آگاهي موجود آهي، هن چيو ته ميرو ٽيڪنالاجي جي اها اپ گريٽڊ مشين گهٽ کان گهٽ وقت ۾ ووٽ وجهڻ جي عمل کي مڪمل ڪندي آهي جڏهن ته ان مشين سان سافٽ ۽ هارڊ ٻنهي طريقن سان نتيجا حاصل ٿي سگهن ٿا، جنهن سان چونڊ ڌانڌلي جو ڪو به جواز موجود نٿو رهي. ان کان اڳ ميرو مشين جي ٽيڪنيڪي ٽيم طرفان اليڪٽرانڪ ??وٽ??گ مشين جو عملي مظاهرو پيش ڪيو ويو ۽ مملڪتي وزير ۽ چيمبر آف ڪامرس جي وفد کي مشين جي استعمال جي طريقيڪار ۽ شفافيت جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ڪمپني پاران ٻڌايو ويو ته هي اليڪٽرانڪ ??وٽ??گ مشين بجلي جي تار ۽ انٽرنيٽ ڪنيڪشن جي 14 ڪلاڪ جي لائيو بيٽري تي ڪم ڪندي آهي جڏهن ته هڪ اضافي بيٽري سان ان جي ٽائمنگ 28 ڪلاڪ ٿي ويندي آهي، برسات ۽ موسمياتي اثرن ۾ به اها مشين فعال رهندي آهي، ??وٽ??گ جو وقت مڪمل ٿيڻ تي بند ڪرڻ کانپوءِ ان کي ٻيهر نٿو کولي سگهجي، صرف 10 سيڪنڊن ۾ بيلٽ پيپرز کي اسڪن ڪرڻ کانپوءِ پرنٽ جي شڪل ۾ ووٽر جي واپس ملندو آهي جيڪو سڀني جي سامهون بيلٽ باڪس ۾ وجهي ووٽ ڪاسٽ ٿي ويندو آهي، هن چيو ته ??وٽ??گ لاءِ جيڪو بيلٽ پيپر تيار ڪيو ويو آهي ان تي سيڪيورٽي ڪوڊ درج ڪيو ويو آهي جنهن کي ڪنهن ٻي مشين ۾ استعمال نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي هڪ پولنگ اسٽيشن ۾ استعمال ٿيندڙ مشين کي ان عمل جي دوران ٻي ڪنهن پولنگ اسٽيشن تي استعمال ڪري سگهجي ٿو، ??وٽ??گ جي عمل ۾ ووٽر جي شناخت کي به ڳجهو رکيو ويو آهي ۽ اليڪشن ڪميشن جي خواهش تي ان مشين کي مينوئل ۽ پاڻمرادو ٻنهي طريقن سان استعمال جو اختيار موجود آهي، فائونڊر گروپ جي جنرل سيڪريٽري ظفر بختاوري ۽ ٻين واپاري نمائندن ان ??وٽ??گ مشين ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته جمهوري عمل کي شفاف بڻائيندي ان ??وٽ??گ مشين کي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پنهنجي ايندڙ اليڪشن ۾ استعمال ڪندي، هن اي وي ايم جي مختلف عملن بابت ڪمپنين جي نمائندن کان سوال به پڇيا.