اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح ??هي?? اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??سپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ??اڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز تي اڳڀرائي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جي گهري دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ٽيڪنالاجي شعبي جو روانگي واپار وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل ??هي?? پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي شعبي ۾ افرادي قوت ۽ صلاحيتن جي کوٽ نه آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز تي ڪم تيزي سان ??ار?? آهي جتي ٽيڪنالاجي انٽر پرينيورز کي جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ٻاهرئين سيڙپڪاري سان نه رڳو ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ممڪن ٿي سگهندي پ?? قيمتي پ??ڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ به ممڪن ٿيندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان ضروري قدم جلد کڻڻ ۽ ترجيحي بنيادن تي انهن کي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.