اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪي ??اريخ جي سڀ کان وڏي راندين جي پروگرام ڪامياب جوان اسپورٽس ڊ??ائيو جو افتتاح اڄ سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ ڪندو. ملڪي ??اريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪامياب جوان پروگرام ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي حصيداري سان نوجوانن کي غيرنصابي ۽ راندين جي سرگرمين ۾ مصروف رکڻ جي لاءِ چار ارب رپين جا 4 نوان منصوبا شروع ڪيا ويا آهن جنه?? ۾ ??امياب جوان اسپورٽس ڊ??ائيو جهڙو ميگا پراجيڪٽ پڻ شامل آهي. پاڪستان جي مقامي ٽيلنٽ کي عالمي سطح تي موقعا فراهم ڪرڻ ۽ ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ منصوبي جي پهرين فيز ۾ 12 رانديون بشمول هاڪي، ڪرڪيٽ، فٽ بال، هينڊ بال، ريسلنگ، ويٽ لفٽنگ، اسڪواش، والي بال، اسڪي، جوڊو، باڪسنگ ۽ ايٿليٽڪس شامل آهن. مهم ۾ سڄي ملڪ ۾ 11 کان 25 سالن جي نوجوانن بشمول عورتن جي لاءِ راندين جا موقعا منعقد ڪيا ويندا. راندين جا اهي مقابلا ملڪ جي سمورن صوبن بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمي?? جي 25 علائقن ۾ منعقد ڪيا ويندا ۽ هڪ ڪروڙ نوجوانن کي سليڪشن جي عمل مان گذاريو ويندو. راندي?? ۾ ??اميابي حاصل ڪندڙ نوجوانن کي عالمي معيا?? جي پيشيواراڻي تربيت ڏني ويندي.