اسلام آب??د – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شهباز شريف جي خلاف 16 ارب روپين جي ايف آءِ اي جي رمضان شگر ملز ملازمن جي ڪيس جي کليل ٻڌڻي لاءِ قومي اسيمبلي ۾ قرارداد جمع ڪرائينداسين، فرخ حبيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته شهباز شريف ??ي مخصوص نوڪر ۽ مسرور انور جي اڪائونٽس مان وڏي رقم جي منتقلي جو جواب ڏيڻ تائين ا??يمبلي ۾ تقرير جو ڪو به حق نه آهي، هن چيو ته کيس ٽڪي جي نه پر اربين روپين جي ڪرپشن جو حساب ڏيڻو پوندو.