اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي اربن ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ والٽن لاهور جي ماحولياتي توازن ۽ بهتري لاءِ تمام گهڻي اه??يت رکندڙ م??صو??ا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ والٽن لاهور جي م??صو??ن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انهن م??صو??ن جي ذريعي وسيلن کي صحيح طريقي سان استعمال ۾ آندو پيو وڃي. اه?? م??صو??ا ان لحاظ کان مثال هوندا ته انهن جي ذريعي وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ايندي. ان کان اڳ راوي اربن ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عمران امين وزيراعظم کي م??صو??ي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته مختلف م??صو??ن جن ۾ چهار باغ، انڊسٽريل اسٽيٽ، واٽر ٽريننگ ورڪ، سفائر بي، ويسٽ ٽريٽمينٽ پلان سميت مختلف م??صو??ن تي ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ سمورا انتظامي ۽ ماحولياتي مسئلا حل ڪيا ويا آهن ۽ ڪم تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. وزيراعظم کي باب پاڪستان جي تعمير بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو جنهن ۾ 1900ع کان هيستائين والٽن جي تاريخ کي عجائب گهر ۾ محفوظ ڪيو ويندو. ان کانسواءِ ايل اين جي پاور پلانٽ پڻ لڳايو ويندو ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۾ هڪ جديد ٽيچنگ اسپتال پڻ تعمير ڪئي ويندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ته والٽن جي م??صو??ي تي پڻ ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ ايندڙ سال مارچ تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. وزيراعظم کي راولپنڊي ۾ ناله لئي ۽ رنگ روڊ م??صو??ن تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته اه?? سمورا م??صو??ا ملڪ جي قومي مفاد جي لاءِ تمام اه?? آهن. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته انهن م??صو??ن کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪا سستي نه ڪئي وڃي. اجلاس ۾ اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزياعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، راوي اربن ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي سي اي او عمران امين ۽ لاڳاپيل سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته مقامي حڪومتن جي صوبائي وزير محمود الرشيد، پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، پنجاب حڪومت جي ترجمان حسان خاور ۽ پنجاب جي لاڳاپيل عملدارن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.