اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته چوڌري پرويز الاهي وزيراعظم عمران خ??ن سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سمورا معاملا طئي ٿي ويا. مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته (ق) ليگ وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ۽ حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار پنهنجي استعيفا وزيراعظم کي پيش ڪري ڇڏي آهي ۽ وزيراعظم عمران خ??ن چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ??رت?? آهي.