اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مس??م ليگ (ن) جي صدر م??ان شهباز شريف چيو آهي ته اسان ڪنهن کان بدلو نه وٺنداسين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو، وزيراعظم عمران خان ??ي خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته آئون سڀني ساٿين جو ٿورائتو آهيان، انهن جي ڪوششن ۽ ٻڌي سان هڪ نئون سج اڀرڻ وارو آهي، نئون ڏينهن اچڻ وارو آهي، عوام جون دعائون الله ٻڌي ورتيون. هن چيو ته گڏيل مخالف ڌر جي ڏاهن کي سلام پيش ڪر??ان ٿو، جن اتحاد، يڪجهتي، نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪيو. شهباز شريف چيو ته اسان ڪنهن کان بدلو نه وٺنداسين، ڪنهن سان ناانصافي نه ڪنداسين ۽ نه ئي ڪنهن کي جيلن ۾ و??هن??اسين نه ڪنهن سان ناانصافي ڪنداسين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو. م??ان شهباز شريف چيو ته آئون آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان سميت ??ڀني ساٿين جو ٿورائتو آه??ان جن بي اعتمادي رٿ ڪامياب ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون.