اسلام آ??اد – 03 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ترڪيءَ پاران ڪشمير مسئلي تي پاڪستاني موقف جي حم??يت ڪرڻ تي ترڪ پرڏيهي وزير ميولود چاوش اوغلو جا ٿورا مڃيا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب بلاول ڀٽو ٽيليفون تي ترڪ پرڏيهي وزير ميولود چاوش اوغلو سان ڳالهائيندي ڪشمير مسئلي تي پاڪستاني موقف جي حم??يت ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃيا. ترڪ پرڏيهي وزير پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي کيس مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيد جي مبارڪباد پڻ ڏني ۽ سفارتي لاڳاپن جي 75 هين س??ل جي مڪمل ٿيڻ جو جشن ملهائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.