اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران نيازي مسلسل آئين شڪني جو مرتڪب ٿي رهيو آهي، پنجاب ۾ ٻيهر آئين شڪني جي ??ازش ڪئي پئي وڃي، گزريل چار سال ناقص پاليسين جي ڪري زرعي جنسن جي پيداوار متاثر ٿي، کاڌي پيتي جي ??ين جي قيمتن کي مانيٽر ڪيو پيو وڃي، ملڪ ۾ طلب موجب کنڊ جو ذخيرو موجود آهي، کنڊ جي ??رآمد تي پابندي هنئي وئي آهي ته جيئن عوام کي سستي کنڊ جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي، ڪابينا کي ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ ۽ ضرورت جي ??ين جي قيمتن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو، پهريون ڀيرو دوست ملڪن وٽ هڪ اهڙو اسٽريٽجڪ پلان کڻي وياسين جيڪو رڳو گرانٽ تي ٻڌل نه آهي پر پاڪستان جي ??وام لاءِ پراجيڪٽس، روزگار ۽ ريليف جي پوري ويزن تي ٻڌل آهي. وفاقي ڪابينا جي ??جلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته ڪابينا جي ??جلاس ۾ وزيراعظم سعودي عرب ۽ يو اي اي جي ??وري جي ??والي سان تفصيلن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پهريون ڀيرو اسان دوست ملڪن سان هڪ اهڙو اسٽريٽجڪ پلان کڻي ويا آهيون جيڪو رڳو گرانٽ تي ٻڌل نه آهي پر پاڪستان جي ??وام جي لاءِ پراجيڪٽس، روزگار ۽ ريليف جي هڪ پوري ويزن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته عيد واري ڏينهن يو اي اي مان اقتصادي ماهرن جو وفد پڻ پاڪستان آيو، اسان جي ??قتصادي، توانائي ۽ پاور جون ٽيمون انهن منصوبن تي ڪم ڪري رهيون آهن، عوام کي آگاهه ڪنداسين ته ڪهڙا ڪهڙا منصوبا سعودي عرب ۽ يو اي اي سان گڏ مڪمل ڪيا ويندا. هن چيو ته توانائي واري وفاقي وزير ڪابينا کي ملڪ ۾ بجلي جي ??ورتحال جي ??والي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، ٽرانسميشن، لوڊشيڊنگ تي مڪمل ٺوس حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت عوام کي ريليف ڏيڻ چاهي ٿي، گذريل چار سال دوران ڪڻڪ جي پوکيءَ دوران ڪي مراعتون نه ڏنيون ويون، 2018ع ۾ ڊي اي پي جي ٻوري 2600 رپين جي هئي جيڪا هن وقت 10 هزار رپين ۾ ملي رهي آهي، جنهن وقت ڪڻڪ جي پوکيءَ ٿي رهي هئي ان وقت ڊي اي پي دستياب ئي نه هئي. هن چيو ته ملڪ جي ??ندر ڪڻڪ جي ??ورتحال ڏسندي ڪابينا ٽي ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي ??جازت ڏني آهي، جيڪا هڪ مخصوص مدي جي لاءِ هوندي. هن چيو ته 2018ع ۾ جڏهن مسلم ليگ (ن)جي ??ڪومت ختم ٿي، ان وقت پاڪستان ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪري رهيو هو. هن چيو ته وزيراعظم غذائي تحفظ واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته فوري طور تي اهڙو پلان جوڙيو وڃي جنهن تحت نه رڳو ڪڻڪ جي پيداوار ۾ اضافو ٿئي پر پاڪستان ڪڻڪ برآمد ڪري سگهي. هن ٻڌايو ته محمد سعود ڊائريڪٽر انڊسٽريل اينڊ ڪمرشل ريليشن شپ کي بطور ميمبر پاڪستان آرڊي??نس فيڪٽري مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته ڪابينا ايڊمرل (ر) سلمان الياس کي ايم ڊي شپ يارڊ انجنيئرنگ ورڪس جي ڊائريڪٽر طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. هن ٻڌايو ته ڪابينا 1974ع جي پاسپورٽ ايڪٽ تحت هڪ کان وڌيڪ غيرملڪي پاسپ??رٽ?? کي رد ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني. ڪابينا فيصلو ڪيو ته اهڙن پاسپ??رٽ?? کي نه رڳو رد ڪيو وڃي پر اڳتي ان جي ??وڪٿام جي لاءِ حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٻه پاسپ??رٽ?? رد ڪرڻ جي ??خري تاريخ 31 ڊسمبر 2022ع مقرر ڪئي وئي آهي، ان وقت تائين پروسيجرل ۽ انتظامي معاملا مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 9 مئي جي ??جلاس جي فيصلن جي ??وثيق ڪئي. رمضان پئڪيج تحت اٽي ۽ کنڊ جي مقرر ڪيل اگهن کي اڳتي به جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 950 رپين مان گهٽ ڪري 800 رپيا ڪيو ويو هو، اهڙي طرح کنڊ 85 رپيا ڪلو مان 70 رپيا في ڪلو ڪئي وئي هئي. هن ٻڌايو ته ڪابينا منظوري ڏني آهي ته انهي ريٽ تي انهن شين جي قيمتن کي برقرار رکيو وڃي. هن چيو ته ڪابينا پاڪستان جي ??وام کي ريليف جي فراهمي جي هدايت ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا فواد اسد الله خان کي ڊي جي ??ءِ بي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، ڪابينا ليفٽيننٽ جنرل مزمل حسين جي چيئرمين واپڊا جي ??هدي تان استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي، ميمبر فنانس واپڊا کي چيئرمين واپڊا جي مقرري جو پراسيس مڪمل ٿيڻ تائين چيئرمين واپڊا جي ??هدي جي ??ضافي چارج ڏني وئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان پاران پنجاب جي ??ندر ٻيهر آئين شڪني ڪئي پئي وڃي، عمران خان جي ??ئين شڪني ۾ غنڊه گردي به شامل آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته وزيراعظم کنڊ جي ??يڪسپورٽ تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آهي، هن وقت کنڊ جو ذخيرو ڊيمانڊ موجب موجود آهي، ڊيمانڊ 16 هزار ٽن ڏهاڙي آهي. هن چيو ته گذريل دور ۾ کنڊ ايڪسپورٽ ڪري مصنوعي کوٽ پيدا ڪئي وئي، کنڊ جي قيمت 52 رپيا ڪلو هئي جنهن کي ايڪسپورٽ ڪري ٻيهر برآمد ڪيو ويو ۽ اهڙي طرح کنڊ جي قيمت 120 رپيا ڪلو ڪري عوام تي مهانگي کنڊ جو بار وڌو ويو. هن چيو ته ڪمند جي نئين پوکيءَ به ٿي آهي، ان سان به کنڊ سسٽم ۾ ايندي. هن ٻڌايو ته کنڊ برآمد ڪرڻ تي پابندي هڻڻ جو مقصد کنڊ جي قيمت کي عوام جي لاءِ سستو ڪرڻ آهي جنهن ۾ صوبا به اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مناسب ذخيرو موجود هجڻ جي ??اوجود اها پابندي هنئي وئي آهي ته جيئن عوام کي سستي کنڊ فراهم ڪري سگهجي ??يڪو وزيراعظم جو اهم قدم آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جا ماڻهو نجي ??وري تي پنهنجي قائد نواز شريف سان ملڻ جي لاءِ وڃي رهيا آهن، پارٽيز جي ??ندر مشاورت جو سلسلو جاري رهي ٿو، جيڪي بيروزگار سياسي تيم ڳالهيون ڪري رهيا آهن انهن جي پنهنجي پارٽي ۾ مشاورت جو سلسلو ناهي ٿيندو، اتي هڪ شخص جي ??د، تڪبر ۽ فيصلي جي ??ريعي پوري پارٽي ان جي ??ڪم جي ??ابع هوندي آهي، انهن ملڪ جي ??ندر آئين شڪني جو تماشو لڳائي رکيو آهي، رڳو ڪوڙ ۽ ٻاهرئين ملڪ سازش جي ڪوڙي بيانيي کانسواءِ انهن وٽ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي ??ندر مشاورت جو سلسلو جاري رهي ٿو، ڪجهه مانهو بي مقصد تنقيد ڪري رهيا آهن، اسان پاڪستان جي ??وام جي لاءِ جيڪو بهتر هوندو اهو ڪنداسين. هڪ سوال تي هن چيو ته 3 اپريل کان 11 اپريل تائين هڪ شخص جي ??ڪم تي صدر، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، پنجاب جي گورنر آئيني اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو جيڪو پاڪستان جي ??ئين تي حملو آهي، اها آئين شڪني ڪهڙي طرح به برداشت نه ٿي ڪري سگهجي، ان تي ڪابينا ۾ تفصيلي مشاورت ٿي آهي. قانون اوري وزارت کي ب?? هدايت ڪئي وئي آهي ته ان جو خاتمو ڪيو وڃي ته اڳتي ڪير آئين شڪني جي ??رئت نه ڪري سگهي. هن چيو ته رمضان المبارڪ دوران ٽن شين کنڊ، اٽي، گيهه جي قيمتن کي مانيٽر ڪرڻ جو مڪينزم ٺاهيو ويو، عمران نيازي تڪبر، اناءَ ۽ گهمنڊ ۾ ايترو ڦاٿل هو جو هو صوبن سان ڳالهه ڪرڻ به گوارا نه ٿو ڪري، گذريل چار سال وکريل گور??نس سسٽم هو، اسان ان سڀ کي گڏ ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پهرين هفتي دوران پاڪستان جي ??وام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون. اڄ پاڪستان جي ??وام جي ??وش قسمتي آهي جو اتحادي حڪومت ۾ سمورن صوبن جي نمائندگي موجود آهي، عوام کي تمام جلد هڪ کانپوءِ ٻي خوشخبري ملندي. هن چيو ته وزيراعظم پاڻ سمورين حالتن جو جائزو قوم آڏو پيش ڪندو. هن چيو ته اسان اڳوڻي حڪومت کي ڊيمانڊ موجب بجلي ڇڏي وياسين، مهانگائي ٽي سيڪڙوتي ڇڏي ويا هئاسين، سي پيڪ ڏئي وياسين پر انهن انهن جو ٻيڙو غرق ڪيو، انهن ڪارٽلز ۽ مافياز سان گڏجي پاڪستان جي ??وام کي ڦريو، انهن وٽ اڄ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي، انهي لاءِ اهي ڪوڙو سازشي خط لهرائي رهيا آهن. انهن وٽ ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي لاءِ ڪجهه هجي ها ته اڄ اهي پاڪستان جي ??وام کي ٻڌائي سگهن ها ته اسان ڪيتري مهانگائي گهٽ ڪئي، ڪيترو روزگار ڏنو، ڪيترا منصوبا لڳايا، ڪيتريون اسپتالون ۽ اسڪول ٺاهيا، ڪيتري بجلي ٺاهي پر انهن جي ڪارڪردگي جو صفحو خالي آهي انهي لاءِ اهي ڪوڙو خط لهرائي رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف تمام جلد قوم کي خطاب ڪندو ۽ اهي سموريون حقيقتون قوم آڏو رکندو. هڪ سوال تي هن چيو ته صحافين جي پگهارن جي ??دائيگي ۽ رهتن جي ??يشوز تي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پي آءِ ڊي جي ??ندر اسان ريفارمز آڻي رهيا آهيون ته جيئن ڪنهن به اداري جي ??هتن کي محدود مدي جي ??ندر ڪليئر ڪيو وڃي. هن چيو ته هوءَ ٻه ڏينهن پي آءِ ڊي ۾ اچي ويهندي آهي، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي ڪا پابندي نه آهي، اهي جڏهن چاهين منهنجي ??فيس ۾ سڌوسنئون اچي ملي سگهن ٿا. هن چيو ته گذريل چار سال دوران صحافين، ورڪنگ جرنلسٽس، ڪئميره مينن، رپ??رٽ??ز جي ??التن کان چڱي ريت واقف آهيان، ان معاملي جي پان نگراني ڪري رهيا آهيان، ميڊيا مالڪن سان گڏجي هڪ حڪمت عملي ٺاهينداسين ته جيئن ڪو صحافي ظلم جو شڪار نه ٿئي.